sufi saint

مان انهن ماڻھن کي حلفيہ ھيءَ خوشخبري ٻڌايان ٿو ته جيڪي ماڻھو جيلن ۾ نا حق قيد ٿيل آهن، يا وري اُهي ماڻھو جيڪي ڪوڙن ڪيسن جي ڪري مفرور ٿي ڌاڙيلن واري زندگي گذاري رھيا آهن يا جيڪي سياسي انتقام جي ڪري پنھنجو وطن ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. جو تمام جلد اھڙو وقت اچڻ وارو آھي جو  هن ملڪ پاڪستان ۾ ڪنھن درويش جي حڪومت هوندي. ٻڪريون ۽ شينھن هڪ ئي جڳھ تي پاڻي پيئيندا. اتي سڪون ھوندو، امن امان ھوندو ۽ انصاف ھوندو ۽ ھرڪو ماڻهو خوشحال ھوندو. اھم ڪرسين تي خدا ترس ۽ درويش ئي ويٺل ھوندا. ايتري منهنجي ڄاڻ ۾ آهي ته انگريزن جو قانون ۽ جيلون ختم ڪيون وينديون. ڏنڊ، ھرجاڻو ۽ جرمانو يا غلامي کان بعد ۾ تمام قيدي آزاد ڪيا ويندا يا وري سنگسار ڪيو ويندو ۽ جيلن جي ضرورت ڪونه پوندي.

هي سخت قانون امن جو سبب بڻنجندو.

سلطان الفقر

حضرت سیدنا ریاض احمد گوہر شاہی 16 09 2000

پيرومرشد سائين حضرت سيدنا رياض احمد گوهر شاهي مدظله العالي ھڪ ڪامل صوفي بزرگ ۽ عظيم روحاني شخصيت آهي. حضرت گوهر شاهي جو الله تعالي جي وحدانيت ۽ توحيد، نبي آخرزمان احمد مجتبيٰ حضرت محمد مصطفي صلى الله عليه وآلہ وسلم جن جي ختم نبوت تي مڪمل ڪامل ايمان آھي.حضرت گوھر شاھي جي ويجھو آقاءَ دوعالم صلى الله عليه وآلہ وسلم کان بعد ۾ نبوت جو دعويدار ڪافر و زنديق آھي. حضرت گوهر شاهي پاڻ ڪڏھن به امام مهدي ھجڻ جي دعويٰ نه ڪئي، سندس مطابق امام مهدي جي ڪوڙي دعويٰ ڪرڻ وارو سخت گمراه ۽ بدبخت آهي. ۽ جڏھن ته حضرت گوهر شاهي پاڻ اصل امام مھدي جون نشانيون واضح ڪيون آهن (جھڙي طرح پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآله وسلم جي پٺي مبارڪ تي مھر نبوت موجود آھي، بلڪل اھڙي طرح سان امام مھدي جي پٺي مبارڪ تي ڪلمو شريف سان گڏ مھر مھديت ھوندي، جيڪا نسن سان اڀريل ھوندي) ۽ انھن جي سڃاڻپ نور سان ٿيندي. تنھن ڪري پنھنجن دلين ۾ الله جو نور پيدا ڪريو.

مقامي اخبارن ۾ حضرت گوھر شاھي جي طرفان ڏنل پريس ريليزون

%d bloggers like this: