امامِ حق و عالم با عمل

جڏهن ڪو به سالڪ ڪنهن روحاني سلسلي ۾ وڃي ڪري تزڪيه نفس و تجليه روح ۽ تصفيه قلب جو مقام حاصل ڪري وٺندو آهي ته ھو مرتبو غوث يعني امام وقت سڏرائندو آهي ھو علماء جي ظاهري وباطني اصلاح ڪندو آهي ۽ جيڪو عالم پنهنجي اصلاح ۾ لڳي ويندو آهي ھو به انهن جي اذن سان امامت جي لائق ٿين ٿا ھن سلسلي کي برقرار رکڻ جي لاء ھر وقت ھڪ غوث ۽ ٽي قطب موجود ھوندا آهن ۽ انهن جي ئي مساوي مراتب وارا امام حق چورائندا آهن. ڪو به عالم فارغ التحصيل ان وقت تائين امامت جي لائق نه ٿيندو آهي جيسيتائين ان جي سلسلي ۾ داخل ٿي اجازت يافته نه ٿئي ڇو ته حافظ دماغ سان قاري زبان سان عالم ڪتاب سان عابد وزاھد اعمالن سان پر امام حق زبان صل علیٰ سان ٿين ٿا ۽ باقي امام ان امام جي اذن سان ـ تڏهن امامت درست ٿئي ٿي ورنه مشڪوڪ آهي ڇو ته شڪ واري ھر شئي مڪروه آهي اھائي وجھ آهي ته اھل نظر مشڪوڪ جي پويان نماز ڪو نه پڙھندا آهن جيڪڏهن ڪنهن پڙھي به ورتي ته ديني مصلحت جي خاطر پڙھي ورتي.

مولوی ہرگز نہ شد مولائے روم
تاغلام شمس تبریزی نہ شد

علماء ڪرام جون حضرت گوھر شاھي جي حق ۾ فتوائون

%d bloggers like this: