ھتي اچڻ جو مقصد ڪا سياست نه آھي، ڪنھن فرقي جي دل آزاري ڪرڻ نه آھي، وقت حڪومت تي ڪا نقطي چيني ڪرڻ نه آھي. ھر شھر ۾، ھر پاڙي ۾، ھر گھر ۾ ڪجھ دل وارا رھن ٿا، انھن کي گڏ ڪرڻ مقصد آھي، ۽ دل جي آواز انھن جي دلين تائين پھچائڻ لازمي منزل آھي.
سلطان الفقرء
حضرت سیدنا ریاض احمد گوہر شاہی مدظلہ العالی

مختصر تعارف 
حضرت سیدنا ریاض احمد گوہر شاھي مدظلہ العالیٰ

ھي اھو گوھر شاھي آهي جن ٽن سالن تائين سيوھڻ شريف جي ٽڪرين ۽ لال باغ ۾ الله تعاليٰ جي عشق جي خاطر چلا ڪشي ڪئي٠ الله سائين کي حاصل ڪرڻ لاء دنيوي زندگي ڇڏي ڏني ـ پوء الله سائين جي حڪم سان وري دنيوي زندگي ۾ واپس آياـ لکين دلين ۾ الله سائين جو ذڪر وسايوـ ۽ ماڻهن کي الله جي محبت طرف راغب ڪيوـ ھر مذهب ۽ فرقي وارن گوھر شاھي کي پنهنجن مسجدن، مندرن، گردوارن ۽ گرجا گھرن ۾ روحاني خطاب جي لاء مدعو ڪيو ۽ ذڪر قلب حاصل ڪيوـ تمام گھڻا مرد و عورتون ان جي تعليم سان گناهن کان پاسيرا ٿي ويا ـ ۽ الله جي طرف جھڪي ويا ـ تمام گھڻا لاعلاج مريض ان جي روحاني علاج سان شفاياب ٿياـ وري الله سائين ان چھرو چنڊ ۾ ڏيکاريو وري حجر اسود ۾ پڻ ان جي تصوير ظاهر ٿي ـ پوري دنيا ۾ انهن جي شھرت ٿي وئي پر ڪجھ اکين کان نابين ملا ۽ ولين سان حسد ساڙ ۽ بغض رکڻ وارن مسلمانن کي ھي شخص پسند نه آيو ـ انهن ماڻهن ھن جي ڪتابن جي لکت ۾ خيانت ڪئي ـ ان تي ڪفر ۽ واجب القتل جون فتوائون لڳرايون ـ

مانچسٽر ۾ ان جي رھائشگاھ تي پيٽرول بم اڇلايو ويو ڪوٽڙي ۾ ان تي ھينڊ گرينيڊ بم سان حملو ڪيو ويو لکين روپيا سندن سر جي قيمت رکي وئي پنج قسم جا سنگين ڪوڙا ڪيس ملڪ اندر ان کي ڦاسائيڻ لاء ڪيا ويا نوازشريف جي وفاقي و صوبائي حڪومت سنڌ به شامل ڪئي وئي ٻه ڪيس قتل جا ـ ناجائز ھٿيار ـ ناجائز قبضن جا ڏوھ قلم لڳايا ويا ـ آمريڪا ۾ ھڪ عورت سان زيادتي ۽ حبس بيجا جو ڪيس بڻايو ويو خريد ڪيل صحافين ان کي زماني ۾ تمام گهڻو بدنام ڪيوـ مگر آخر ۾ عدالتن ۾ پشين ۽ شنوائين ۽ تحقيقاتي رپورٽن کان پوء تمام ڪيسن کي ڪوڙو قرار ڏنو ويو جيڪي پاڻ خارج ڪيا ويا ۽ الله سائين پنهنجي دوست کي ھر مصيبت کان بچائي ورتو.

حضرت گوھر شاھي 
جي روحاني شخصیت جون چند حقيقتون

19 سالن جي عمر ۾ جسئه توفيق الاهي پاڻ سان گڎ لڳايو ويو جيڪو ھڪ سال گڏ رهيوـ ۽ ان جي اثر جي ڪري پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي صرف ھڪ گوڏ ۾ سخي ڄام ڏاتار جي جھنگ ۾ ويا. جسئه توفيق الاهي عارضي طور مليو ھو، جيڪو 14 سال غائب رھيو ۽ وري سن 1975 ع ۾ ٻيو دفعو سيوھڻ شريف جي جھنگ ۾ وٺي اچڻ جو سبب بڻيوـ

25 سال جي عمر ۾ جسئه گوھر شاھي کي باطني لشڪر جي سالار (اڳواڻ) جي حيثيت سان نوازيو ويوـ جنهن ڪري شيطاني لشڪر ۽ دنياوي شيطانن جي شر کان محفوظ رھيو. جسئه توفيق الاهي ۽ طفل نوري، ارواح، ملائڪ ۽ لطائف کان به اعليٰ (خاص) مخلوقون آهن ـ ان جو تعلق ملائڪن وانگي سڌو سنئون رابطو رب پاڪ سان آهي ۽ ان جو مقام، (مقام احديت) سان آهي.

35سال جي عمر ۾ 15 رمضان 1976 ع ۾ ھڪ نطفو نورقلب ۾ داخل ڪيو ويو، ڪجھ عرصي کانپوء مختلف جاين تي تعليم و تربيت لاء گھرايو ويو. 15 رمضان 1985 ۾ جڏهن پاڻ الله پاڪ جي حڪم سان دنيوي فرض نڀائڻ لاء حيدرآباد تي مقرر ڪيا ويا، اھو ئي نطفه نور طفل نوري جي حيثيت وٺي مڪمل طور سندن حوالي ڪيا ويو، جنهن جي ذريعي دربار رسالتﷺ ۾ تاج سلطاني پھرايو ويوـ طفل نوري کي ٻارنھن سالن کانپوء مرتبو عطا ڪيو ويوـ پر پاڻ کي دنيوي فرضن جي ڪري ھي مرتبو 9 سالن ۾ ئي عطا ڪيو ويو ـ

جشنِ شاھي 
(15 رمضان المبارڪ) منائڻ جا سبب

15 رمضان 1977 ع تي الله سائين طرفان خاص الھاماتن جو سلسلو شروع ڪيو ويوـ راضيه مرضيه جو واعدو ورتو ويو، ۽ مرتبو به ارشاد ٿيوـ ڇو ته سندن کي ھر مرتبو ۽ معراج، شان جو تعلق 15 رمضان سان آهي ان لاء ان ڏينهن تي جشن شاھي جي خوشي ڪري منايو ويندو آهي.

پاڻ 1978 ع ۾ حيدرآباد اچي رشد و ھدايت جو سلسلو شروع ڪيائون ۽ ڏسندين ڏسندين ھي سلسلو پوري دنيا ۾ ڦھلجي ويو، لکين ماڻهو قلوب الله ھو ۾ لڳي ويا، بي شمار ماڻهن جي قلوبن تي اسم الله نقش ٿيو ۽ انهن کي نظر به آيو، لاتعداد ذاڪرن کي ڪشف القبور ۽ ڪشف الحضور نصيب ٿيو، اڻ ڳڻيا لاعلاج مريض شفاياب ٿياـ حضرت سيدنا رياض احمد گوھر شاھي مد ظله عالي کي تمام گهڻي مڃتا ملي. 1980ع ۾ باقاعده تنظيم جي ذريعي پاڪستان کان دعوت وتبليغ جو ڪم شروع ٿيو. سندن پيغام ”الله جي محبت “ کي زبردست موٽ ملي. ھر مذهب جو ماڻهو پاڻ سان عقيدت ۽ محبت ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي پنهنجي عبادت گاھن ۾ حضرت گوھر شاھي کي خطبن جي دعوت ڏيڻ آياـ پوري تاريخ ۾ مثال نٿو ملي ته ڪنهن شخص کي پنهنجي عبادت گاھ ۾ سڏيو ھجي جو پنهنجن منبرن ۽ اسٽيجن تي ويھاري عزت ڏني ھجي. عيسائي، سکھ، ھندو ۽ ھر مذهب وارن جي دل ۾ گوھر شاھي جي عظمت و محبت پيدا ٿي ھندن جا قلب پڻ ذڪر الله ھو سان جاري ٿيا ھي سندن ڪرامت آهي. ھونئن ته سندن ڪرامتون بي شمار آهن، جن جو ھتي ذڪر بيان ڪرڻ ناممڪن آهي.

اعلان 
لاتعلقي

27 نومبر سال 2001 حضرت سيدنا رياض احمد گوھر شاھي جي پردي فرمائڻ کانپوء يونس ملعون نالي شخص سندن ويب سائيٽن(www.goharshahi.com) کي ھائي جيڪ ڪيو ۽ ان ويب سائيٽن تي حضرت رياض احمد گوھر شاھي جو نالو ۽ تصويرون استعمال ڪيون ۽ من گھڙت ۽ دل آزاري ۽ پنهنجا شيطاني نظريه وتعليمات پيش ڪرڻ شروع ڪيا تنهن کي روڪڻ لاء سائين جي گھرواري (امي جي) کي اھڙن شيطاني عملن جي اطلاع ڏني وئي جنهن 31 ڊسمبر 2001 تي مقامي اخبارن ذريعي يونس ملعون ۽ سندس ساٿين سان مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪيو ۽ اڄ تائين واضع ڪندا ھلون ته يونس ملعون ۽ ان ج ساٿين ۽ مھدي فاؤنڊيشن ۽ انهن جي عقيدي سان وابسطه ماڻهن جو سائين رياض احمد گوھر شاھي ـ سندس اولاد ۽ سندس تنظيم انجمن سرفروشان اسلام رجسٽرڊ جو ڪو به واسطو ۽ رابطو نه آهي ۽ يونس ملعون ۽ ان جا ساٿي پنهنجي عمل ۽ پنهنجي عقيدي جا پاڻ ذميوار آهن. تصويرون ثبوت اوھان جي سامهون آهن.

وڌيڪ معلومات ڄاڻڻ لاء ھتي ڪلڪ ڪريو

صاحبزادگانِ 
حضرت سیدنا ریاض احمد گوھر شاھي

عوام لناس ۾ حضرت رياض احمد گوھر شاھي جي پٽن لاء ڪجھ بدگمانيون ۽ غلط فھميون پيدا ڪيون ويون آهن ان سندس پٽن جو درست مؤقف وٺڻ لاء ھڪ ويب سائيٽ ۽ پيج بڻايو ويو آهي جيڪو ھن طرح سان ڪم ڪري آهي. گذريل ڪجھ عرصي کان نام نھاد مھدي فاؤنڊيشن يونس ملعون (جيڪو پاڻ کي يونس الگوھر سڏائي ٿو) جيڪو پاڻ کي حضرت رياض احمد گوھر شاھي جو جانشين سڏائي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ ھي ملعون ۽ ڪميڻو شخص ملڪ پاڪستان ۽ دين اسلام جي مخالف سرگرمين ۾ ملوث ڏٺو ويو آهي ۽ اسان جي جماعت انجمن سرفروش شان اسلام پاڪستان رجسٽرڊ جي اميرن و مشيرن ۽ ھمدردن جي قتل ۾ پڻ ملوث آهي.

يونس ملعون پنهنجا شيطاني خيال شيطاني تعليمات ۽ ڪفريه عقيدي کي اسان جي پياري والد گرامي و مرشد حق حضرت سيدنا رياض احمد گوھر شاھي جي روحاني تعليمات سان ڳنڊڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھيو آهي ۽ ان لاء اسان جي پياري والد گرامي و مرشد حق گوھر شاھي جون تصويرون ۽ نالو استعمال ڪري رھيو آهي ان لاء شايد عوام ا لناس، مذھبي علماء ۽ انتظاميه ۾ بدگمانيون ۽ غلط فھميون پيدا ٿي رھيون آهن. ان لا۽ اسان واضع ڪندا ھلون ته ھي جيڪي گستاخيون، ڪفريه ۽ بدعقيدي ۽ من گھڙت ڳالھيون يونس ملعون ڪري رھيو آهي ان جو تعليمات گوھر شاھي سان ڪو به تعلق نه آهي ۽ جيڪا غلط ۽ منفي پروپنگنڊا آهي.

اسين ڀائر وري به چٽي طرح سان واضع ڪريون ٿا ته اسان جو، گوھر شاھي جي مريدن جو، اسان جي جماعت انجمن سرفروشان اسلام پاڪستان جو، عزيزن جو، دوستن ۽ ھمدردن جو يونس ملعون، مھدي فاؤنڊيشن ۽ ان جي ساٿين سان ڪو به تعلق واسطو نه آهي. اگر ڪنهن به شخص انهن سان واسطو يا رابطو رکڻ جي ڪوشش ڪئي ان شخص جو اسان ڀائرن ۽ حضرت گوھر شاھي سان واسطو ۽ رابطو ختم سمجهيو وڃي، ۽ اھو شخص پنهنجي عمل جو ھت ۽ روز محشر پاڻ جوابده ۽ ذميوار آهي . نوٽ ھي ڳالھ وفاقي و صوبائي ۽ ضلعي انتظاميه جي نوٽيس ۾ خط وڪتابت، اخبارن، مذهبي اجتماعن ۽ سوشل ميڊيا ذريعي آندي وئي آهي.

Contacts

وڌيڪ معلومات ۽ سوالن لاء اسان سان رابطو ڪريو

Contact@sufisaint.com

Fax: +92-223-410583

درگاه گوھر شاھي الله ھو پھاڙي، خدا جي بستي نمبر.1 ڪوٽڙي ضلعو ڄامشورو سنڌ پاڪستان